اسلام ??باد – 03 مئي (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته جديد جمهوري معاشرن ??و دارومدار اطلاعات جي آزاداڻي فراهمي ۽ اطلاعات جي حق تي آهي، هڪ آزاد ۽ جمهوري معاشري جي لاءِ صحافت جي آزادي ۽ اطلاعات تائين پهچ بنيادي گهرج آهي. صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنج?? پيغام ۾ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته کيس يقين آهي ته رڳو تعليم يافته ۽ باخبر شهري ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ تعميري ۽ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته اسان هر سال صحافت جي آزادي جو ڏينهن ملهايون ٿا ۽ انهن بنيادي اصولن تي زور ڏيون ٿا ته ميڊيا جي آزادي جو تحفظ ڪيو وڃي ۽ پنهنج?? پيشيواراڻي ذميوارين جي ادائي??ي دوران پنهنجي جانين کي خطري ۾ وجهندڙن جو احترام ڪيو وڃي ۽ انهن جي خدمتن کي تسليم ڪيو وڃي.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ