جڪارته_17 جنوري(اي پي پي) انڊونشيا جي پرڏيهي وزير ريتنو مارسودي چيو آهي ته سندس ملڪ فل??طي?? تي اسرائيل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ لاءِ انصاف ??ي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ ٻڌڻي لاءِ قانوني دليلن جي تياري ڪري رهيو آهي، ميڊيا رپ??رٽن موجب انصاف ??ي عالمي عدالت 19 فيبروري تي نيڌرلينڊ جي شهر دي هيگ ۾ عوامي ٻڌڻي ڪندي، جتي ڌريون فل??طي??ي علائقن تي اسرائيل جي قبضي جي قانوني نتيجن تي پنهنجا دليل پيش ڪنديون، آءِ سي جي آخر ڪار گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي لاءِ هڪ نان بائنڊنگ ايڊوائزري جاري ڪندي، جنرل اسيمبلي ڊسمبر 2022 ع ۾ ان حوالي سان هڪ ٺهراءُ پڻ منظُور ڪيو هو، واضع رهي ته غزه تي اسرائيلي حملن ۾ 24 هزار کان وڌيڪ فل??طي??ي شهيد ٿي چڪا آهن، پرڏيهي وزير انڊونشيا ۾ عالمي قانوني ماهرن سان ڳالهين کان اڳ چيو هو ته انڊونشيا آ سي جي کي ايڊوائزري جي درخواست ڪرڻ ۾ جنرل اسميبلي جي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته عالمي قانون کي بر??رار رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل جي فل??طي?? خلاف ??المي قانون جي کليل خلاف ورزي کي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ هڪ جامع قانوني راءِ قائم ڪرڻ ضروري آهي،هن چيو ته اسرائيل پاران فل??طي??ي علائقن ۽ بيت المقدس جي حيثيت کي تبديل ڪرڻ جو فيصلو غير قانوني آهي، انڊونشيا جي سمورين ڪوششن جو بنيادي مقصد فل??طي??ي جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ لاءِ سمورن ممڪنه طريقن کي ڳولهڻ آهي.
انصاف جي عالمي عدالت ۾ فلسطين تي اسرائيل جي قبضي کي چيلينج ڪرڻ جي تياري ڪري رهيا آهيون: انڊونشيا جو پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کا ٹکٹ