گڏيل قومون- 02 نومبر (اي پي پي)گڏيل قومن چيو آهي ته ا??را??يل جي غ??ه تي حملن سان گڏوگڏ اولهه ڪناري جي يهودي آبادڪارن وڌيڪ 820 کان وڌيڪ ??لس??ينين کي گهرن مان ڪڍي ڇڏيو آهي جيڪو انتهائي افسوسناڪ آهي. گڏيل قومن جي انساني معاملن واري اداري موجب غزه ۾ ا??را??يل ??لس??ين جنگ جا اثر والاريل اولهه ڪناري تي به پئجي رهيا آهن جتي يهودي آبادڪارن 820 کان وڌيڪ ??لس??ينين کي سندن گهرن کان بي دخل ڪري ڇڏيو آهي جيڪو ڳڻتي جو سبب آهي ، ان تڪرار ۾ هن وقت تائين 8 هزار کان وڌيڪ فسلطيني ٻار، عورتون ۽ مرد شهيد ۽ هزارين زخمي ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته ??لس??ين ا??را??يل ڇڪتاڻ سبب اولهه ڪناري ۾ يهودي آبادڪارن جو ??لس??ينين تي تشدد ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي، ٻنهي قومن وچ ۾ تشدد جا روزاني واقعا ??را??ري 3 کان وڌي 7 تائين پهچي ويا آهن، هن جو چوڻ هو ته تازن ڏينهن ۾ يهودين آبادڪارن تي 171 کان وڌيڪ حملا ڪيا جنهن جي نتيجي ۾ 26 ماڻهو فوت ۽ 115 ??لس??يني ملڪيتن کي نقصان پهتو جڏهن ته صرف 30 واقعا رپورٽ ٿيا جن ۾ هراسان ڪرڻ، قبضن ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جا معاملا شامل ناهن، والاريل علائقي ۾ ا??را??يلي ع??لدارن طرفان ??لس??ينين خلاف رسائي جون پابنديون والاريل بيت المقدس جي اوڀر علائقي سميت پوري اولهه ڪناري ۾ تيز ٿي ويون آهن، خاص ڪري ا??را??يلي وسندين ويجهو ۽ نام نهاد سيم زون جي ع??ائقي ۾ شديد آهن، اولهه ڪناري ۾ ا??را??يل جي 712 ڪلوميٽر ڊگهي رڪاوٽ سان فسلطيني ع??ائقو ڌار آهي. اداري جو چوڻ آهي ته آبادڪارن به لڏپلاڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، فسلطيني برادرين تائين رسائي جي روڊن کي بند ڪري ضروري خدمتون ۽ روزگار تائين سندن رسائي کي محدود ڪيو ويو آهي، ڪجهه معاملن ۾ آبادڪارن آبي وسيلن کي به نقصان پهچايو آهي، پابندين ۾ شدت کانپوءِ انساني خدمتن سميت صحت ۽ تعليم کي به روڪڻو پيو آهي، 12 آڪٽوبر تي اتر اولهه ڪناري جي ع??ائقي نابلوس ۾ 51 ماڻهن تي ٻڌل 8 گهراڻن کي بي گهر ڪيو ويو، تقريبن اڌ واقعن ۾ ا??را??يلي سيڪيورٽي فورسز حملا آورن جو ساٿ ڏنو يا فعال طور تي مدد ڪئي، ڪيترائي واقعا ا??را??يلي فورسز ۽ ??لس??ينين وچ ۾ ٽڪراءُ کانپوءِ ٿيا جن ۾ ٽي ??لس??يني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا. گڏيل قومن موجب غزه جي اتر اڌ حصي ۾ هڪ اندازي موجب 10 لک ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، ا??را??يل جي غ??ه تي بمباري روڪڻ جي مطالبن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته تازن ڏينهن ۾ ان جي فوجي ڪاررواين ۾ تيزي آئي آهي.
اولهه ڪناري ۾ يهودين 280 فلسطينين کي بي گهر ڪري ڇڏيو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس