اسلام آباد – 24 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب پاران سال 2021ع دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌ??ڪ ڪيسن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپ??ن جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪندي بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب محمد ڪامران شه??اد ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي ۽ اداري جي سالياني رپورٽ 2021ع پيش ڪئي. هن صدر کي بئنڪنگ محتسب جي اداري جي ڪارڪردگي ۽ ڪاميابين کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب گذريل سال دوران بئنڪنگ فراڊ بابت 37000 کان وڌ??ڪ معاملن ۾ کاتيدارن کي 709 ملين رپ??ن جو ريليف فراهم ڪيو آهي. صدر پاڪستان جي بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ صارفين کي انصاف جي تيز رفتار فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو. بئنڪنگ محتسب بريفنگ ۾ ٻڌايو ته 2021ع دوران 33196 نيون شڪايتون مليون جڏهن ته ان کان اڳ گذريل سال جي التوا هيٺ شڪايتن جو انگ 4168 آهي. مجموعي 37364 ش??ايتن مان 18000 کان وڌ??ڪ شڪايتون وزيراعظم پاڪستان سٽيزن پورٽل جي ذريعي مليون. هن وڌ??ڪ چيو ته ڪل 37364 ش??ايتن مان 25231 شڪايتن کي فوري طور ي مصالحت جي ذريعي حل ڪيو ويو جڏهن ته 437 شڪايتن جي باقاعده ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو. گذريل سال دوران ڪل شڪايتن مان 87 سيڪڙو کي اڪلايو ويو هو ۽ موجوده شڪايتن جي انتظام جي نظام کي بهتر بنائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويون آهن ته جيئن ان شرح کي 100 سيڪڙو تائين وڌائي سگهجي. صدر بئنڪنگ محتسب جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته بئنڪنگ محتسب جو ادارو بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي خاص طور تي اليڪٽرانڪ فنڊز جي منتقلي جي گهپلن جي معاملن ۾ سستو ?? فوري انصاف فراهم ڪرڻ ۾ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن بئنڪنگ محتسب پاران فراهم ڪئي ويندڙ خدمتن بابت ميڊيا جي ذريعي آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو بئنڪ عملدارن جي بدانتظامي جي خلاف ان جي خدمتن مان فائدو کڻي سگهن. صدر محتسب کي اداري کي وڌ??ڪ مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريو ته جيئن کاتيدارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪري سگهجي.
صدر پاران بئنڪنگ محتسب جي ريليف جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ