اسلام آباد – 23 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڄ خميس تي لاهور جو هڪ ڏينهن جو دورو ڪندو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم لاهور ۾ اسپيشل ٽيڪنالاجي زون لاهور ٽيڪنا پولس جو افتتاح ڪند??. ٽ??ڪنالاجي زون جي تعمير لاهور نالج پارڪ ڪمپني تحت ٿي آهي جتي وڏي پئماني تي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ برآمدي صلاحيت وڌائڻ لا??ِ سيڙپڪاري ڪئي پئي وڃي، ان موقعي تي ٽيڪنالاجي زون ۾ ڪم ڪرڻ لا??ِ 12 ڪمپنين کي لا??سنس جاري ڪيا ويندا، وڌيڪ ملڪ جي ٻين ??صن ۾ ٽي ٽيڪنالاجي زونز جي تعمير لا??ِ 300 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون به ڪيون وينديون. وزيراعظم ان موقعي تي خطاب به ڪندو. وزيراعظم لاهور ۾ اهم اجلاسن جي صدارت ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي نيو ڪيمپس ۽ ابو الحسن الشاذلي ريسرچ سينٽر آن صو??ي ازم، سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جو افتتاح ڪندو.
وزيراعظم عمران خان هڪ ڏينهن جي دوري تي لاهور پهچندو
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے