اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) حڪومت کنڊ بحران بابت انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جاري ڪندي چيو آهي ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا، ڪميشن کنڊ بحران جو ذميوار ريگيوليٽر ??ي قرار ڏنو آهي، ريگيوليٽر جي غفلت جي ڪ??ي کنڊ بحران پيدا ٿيو ۽ قيمت وڌي، وفاقي ڪ??بينا ريڪوري ڪ??ي پئسا عو??م کي واپس ڪرڻ ۽ نظ??م کي فعال ۽ ادارن کي متحرڪ ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، شهباز شريف فيملي جي شگر ملز ۾ ڊبل رپورٽنگ جا ثبوت مليا آهن، سنڌ حڪومت اومني گروپ کي سبسڊي ڏئي فائدو پهچايو، جي ڊي ڊبليو گروپ غيرقانوني طور تي ڪ??شنگ ۾ اضافو ڪيو ۽ ڊبل بلنگ ۽ اوور انوائسنگ ۾ ملوث ڏٺي وئي. وفاقي ڪ??بينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏنو جنهن مان 10 ارب رپيا ريفنڊ ورتا ويا، اهڙي طرح گذريل 5 سالن ۾ ڪل ٽيڪس 10 ارب رپيا ڏنو ويو، افغانستان کي برآمد ڪئي ويندڙ کنڊ جي ادائيگي ٽي ٽي ذريعي ڪ??ي وئي، روانگي واپار جي مد ۾ 58 سيڪڙو کنڊ افغانستان کي ڏني وڃي ٿي، کنڊ جي قيمت ۾ هڪ رپيو اضافو ڪري 5.2 ارب رپيا منافعو ڪمايو وڃي ٿو.
گذريل 5 سالن ۾ شگر ملز 22 ارب رپين جو ٽيڪس ڏئي 10 ارب رپين جا ريفنڊ ورتا: شهزاد اڪبر
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو