واشنگٽن-13 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪا يوڪرين لاءِ وڌيڪ 50 ڪروڙ ڊال?? جي فوجي امدادي جي نئين پ??ڪيج جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ان حوالي سا?? هڪ بيان ۾ چيو ته آمريڪا يوڪرين کي فوري طور تي گهربل هٿيارن ۽ اوزارن جو هڪ ٻيو اهم پيڪيج فراهم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ٻين اوزارن سا?? گڏو گڏ همارس راڪيٽ ل??نچ??ز، آرٽلري گوله بارود، ڊرونز، بڪتربند گاڏيون ۽ ڪيميائي، حياتيات??، ريڊيولاجيڪل ۽ ايٽمي حملن کان حفاظت لاءِ گوله بارود شامل آهي. اها امداد هڪ مهينو اڳ آمريڪا طرفان يوڪرين لاءِ اعلانيل 988 ملين ڊال?? جي فوجي امداد ۽ 725 ملين ڊال?? جي هڪ ٻئي فوجي امداد جي پيڪيج کان علاوه آهي. واضح رهي ته موجوده آمريڪي انتظاميا ايندڙ مهيني صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حلف کڻڻ کان اڳ يوڪرين کي وڌ کان وڌ امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
آمريڪا طرفان يوڪرين لاءِ 50 ڪروڙ ڊالر جي نئين فوجي امدادي پيڪيج جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری