گڏيل قومون -06 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن ج?? انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتا??ي جو مطالبو ڪيو آهي. غزه ۾ اسرائيلي جنگ دوران هاڻوڪن خطرناڪ حملن بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ غزه ۾ اسرائيلي جنگ 10هين مهيني ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. هن گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته هو وچ اوڀر ۾ وڏي تڪرار جي وڌندڙ خطري کان تمام گهڻو پريشان آهيون ۽ سمورين ڌرين سان گڏوگڏ اثر رسوخ رکندڙ رياستن کي به درخواست ڪجي ٿي ته اهي فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لا??ِ قدم کڻن، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال بڻجي چڪي آهي. وولڪر ترڪ نوٽ ڪيو ته غزه ۾ گذريل 10 مهينن دوران عام شهرين ج??هن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن ج?? آهي، بمن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ناقابل برداشت ڏکن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته ان صورتحال کان بچڻ لا??ِ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جنهن سان عام شهرين لا??ِ ان کان به وڌيڪ خوفناڪ نتيجا هوندا. ان سلسل?? ۾ ??ڏيل قومن ج?? سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان گڏجي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتا??ي جو مطالبو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته حملن بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.
سموريون ڌريون ۽ بااثر رياستون وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن:وولڪر ترڪ
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس