رياض-17 اپريل (اي پي پي ) سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزارت چيو آهي ته هن سال حج لاءِ اندرون ملڪ ۽ پرڏيهه مان ايندڙ حج جا خواهشمند ويڪسينيشن جو ڪورس مڪمل ڪرائين .اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري ڪيل بي??ن ۾ چيو ويو آهي ته حج جي خواهشمندن لاءِ ضروري آهي ته صحت ??يپ تي ويڪسينيشن سرٽيفيڪٽ کي اپ ڊيٽ رکن جنهن ۾ ڪووڊ – 19 ايڊوانس جو هڪ ڊوز جڏهن ته انفلوئنزا ويڪسين ۽ گذريل 5 سالن دوران لڳل گر??ن ٽوڙ بخار جي ويڪسين جو اپ ڊيٽ ٿيل سرٽيفيڪيٽ هجڻ ضروري آهي. وزارت پرڏيهي مملڪت مان آيل حج جي خواهشمندن کي ب?? هدايت ڪئي ته هو ويڪسينيش سرٽيفيڪيٽ جو خيال رکن ۽ حج درخواست سان گڏ جمع ڪرائين. صحت واري وزارت پنهنجي وي?? سائيٽ تي معلوماتي لنڪ به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ اردو، انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ ضروري ويڪسينيشن جا سمورا تفصيل ۽ صحت جي معاملن جي حوالي سان ٻيون هدايتون وضاحت سان بيان ڪيون ويون آهن .
حج جا خواهشمند ويڪسينيشن ڪورس مڪمل ڪرائين: سعودي عرب جي حج واري وزارت
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری