ماسڪو -18 مارچ (اي پي پي) روس جي نئين چونڊيل صدر ولاديمير پيوٽن چيو آهي ته منهنجي چونڊ روس جي عوام جو مون تي اعتماد جو اظهار آهي، هي اولهه جي لاءِ پيغام آهي ته کين هڪ جرئتمند روس سان واسطو پوندو. اردو نيوز مطابق اها ڳالهه هن گذريل ڏينهن پنجون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجڻ کان پوءِ گادي واري شهر ماسڪو ۾ پريس ڪانفرنس ??ور??ن چئي. ولاديمير پيوٽن چيو ته روس جو عوام سندس ق??ادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، مان حمايت ۽ اعتماد لاءِ سڄي ملڪ جي عوام جو شڪريو ادا ڪيان ٿو. اي ايف پي مطابق ولاديمير پيوٽ?? 87.2 سيڪڙو ووٽ حاصل، سرڪاري نتيجن مان خبر پوي ٿي ته صدارتي چونڊن ۾ هي هڪ رڪار?? فتح آهي جتي کيس حقيقي مقابلي کي منهن نه ڏيڻو پيو. هو ايندڙ 6 سالن لاءِ روس جو صدر هوندو.
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا