بيجنگ -28 فيبروري ( اي پي پي ) چين ۾ تيار ڪيل بجلي سان هلندڙ جهاز تجرباتي اڏام ڪاميابي سان مڪمل ڪئي آهي . شنهوا موجب آٽو فلائٽ نالي ڪمپني جي تيار ڪيل اليڪٽرڪ ايئر ٽيڪسي جي نالي تي اسپيريٽي رکيو ويو آهي، ان ننڍي جهاز ۾ پنج ڄڻ?? جي ويهڻ جي گنجائش آهي، اهو 200 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان وڌ کان وڌ 250 ڪلو ميٽر تائين سفر ڪري سگهي ٿو . عمودي ٽي?? آف ۽ لينڊنگ جي صلاحيت رکندڙ ان جهاز گذريل ڏينهن شين زن جي شيڪو ڪروز هوم پورٽ تان زوهائي جي جيو زور پورٽ تائ??ن جو سفر ڪيو . ٻنهي شهرن جي وچ ۾ زميني فاصلو 180 ڪلوميٽر جڏهن ته هوائي فاصلو 43 ڪلو ميٽر آهي اهو جهاز اي وي ٽي او ايل يعني اليڪٽرڪ ورٽيڪل ٽي?? آف اينڊ لينڊنگ جي صلاحيت رکي ٿو .
مضمون کا ماخذ : آن لائن اسکریچ کارڈز