گڏيل قومون-08 نومبر (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ فلسطيني رياست جي نائب مستقل نمائندي ماجد بامي?? چيو آهي ته اسرائيل سمجهي ٿو ته هو غزه ۾ ڪنهن به فلسطيني کي ماري سگهي ٿو، سوشل ميڊيا تي جاري پوسٽ ۾ هن چيو ته اسرائيل جو خيال آهي ته هو غزه ۾ ڪنهن به فسلطيني جو قتل ڪري سگهي ٿو، ڇاڪ??ڻ ته سمورا فلسطيني دهشتگرد يا دهشتگردن جا همدرد آهن. فلسطيني سفير چيو ته اسرائيل جي ان دليل کي اهو ئي قبول ڪري سگهي ٿو جنهن وٽ نالي ماتر انسانيت، اخلاقيات ۽ قانون جي پاسداري نه هجي. هن چيو ته اسرائيل جي ان دليل کي قبول ڪندڙ اهو ثابت ڪري رهيا آهن ته انهن جو انسانيت ۽ اخلاقيات سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي.
مضمون کا ماخذ : گرم سے زیادہ گرم