ٽورنٽو -11 سيپٽمبر( اي پي پي )ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ خ??لصتان ريفنڊم ۾ سکن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 20 سربراهي اجلاس دوران پنهنجي ڪينيڊين هم منصب جسٽن ٽروڊو کي ان جي ملڪ ۾ سکن جي سرگرمين بابت نئين دهلي جي شديد تشويش کان آگاهه ڪيو هيو . ڪشمير ميڊيا سروس موجب خالصتان جي حمايت لاءِ ووٽنگ آچر واري ڏين??ن برٽش ڪولمبيا جي صوبي سري ۾ گرونانڪ گوردواري ۾ منعقد ٿي جتي ان جي اڳوڻي صدر هرديو سنگهه نجر کي جون ?? گولي هڻي قتل ڪيو ويو هيو گلوبل نيوز چينل رپورٽ ڪيو ته خالصتان نواز گروپ سکهه فار جسٽس ( ايس ايف جي ) ريفرنڊم جو اهتمام ڪيو هيو ريفرنڊم100،000 کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي ايس ايف جي جي ڊائريڪٽر جتندر گريوال وينڪوور ۾ قائم نيوز چينل کي ٻڌايو ته ٽرن آئوٽ مان خبر پوي ٿي ته خالصتان جو مس??لو ماڻهن جي ڪنهن خاص گروهه جو مس??لو ناهي بلڪي هڪ سنجيده مس??لو آهي .
ڪينيڊا جي خالصتان ريفرنڊم ۾ دسيون هزار سکن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ