اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بجلي واري شعبي کي گئس جي مناسب دستيابي کي نظر ۾ رکندي تيل تي ٻڌل پاور پلانٽس کي مرحليوار گهٽ کان گهٽ مم??ن وقت ۾ گئس تي تب??يل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انهن قدمن سان نه رڳو ملڪ جي تيل جي درآمدي بل ۾ گهٽتائي ايندي پر بجلي جي وڌ کان وڌ دستيابي يقيني ٿيندي، هن اها ڳالهه وزيراعظم آفيس ۾ بجلي پيداوار ۽ ملڪ ۾ ??هر?? ۽ پهچ جي جائزي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ بجلي جي پيداوار بابت ڪاٿو ۽ نومبر 2017ع کان فيبروري 2018ع ت??ئين ايندڙ چئن مهينن ۾ متوقع ??هر?? جو به جائزو ورتو ويو، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مختلف ورڇ ڪندڙ ڪمپنين کان مليل انگ اکرن موجب ايندڙ چئن مهينن ۾ سر??سري ??هر?? جو ڪاٿو تقريبن 14 هزار 452 ميگاواٽ آهي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر