اسلام آباد – 02 مارچ (اي پي پي) وز??را??ظم محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي گڏيل ذميداري آهي ته هو وفاق ج?? انتظامن وارن علائقن، قبائلي علائقن (فاٽا)، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي ترقي ۽ انهن کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اڳتي اچن. وز??را??ظم محمد نواز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هر شهري جو آهي ۽ ملڪ جي سمورن علائ??ن جي عوام جو قومي وسيلن تي هڪجهڙو حق آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي سفارشن جي اصولي منظوري ڏني وئي، وز??را??ظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ فاٽا جي ڏوران??ن علائقن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ رهندڙن جي طرح سهولتن ۽ خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر