آستانه -22 مئي (اي پي پي) چين جي پرڏيهي وزير وانگ اي شنگهائي سه??ار تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شريڪ ايراني نائب پرڏيهي وزير مهدي سفاري سان ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن چين جي ميڊيا مطابق وانگ اي هڪ ڀيرو ٻيهر ايراني صدر ابراهيم رئيسي ۽ پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ان مشڪل جي گهڙي ۾ چين، مضبوطي سان ايراني دوستن سان گڏ بيٺل آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم اڳواڻ جي قيادت ۾ ايراني حڪ??مت ۽ عوام طئي ٿيل حڪمت عملي کي ??نا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي اڳيان وڌائيندا ۽ ملڪ جي مستحڪم ترقي کي ??رقرار رکندا. صورتحال ۾ خواه ڪا به تبديلي آئي، چين هميشه وانگر ايران سان گڏ اسٽريٽجڪ سه??ار کي مضبوط ڪندو. ٻنهي ڌرين جي گڏيل مفادن جو تحفظ ڪرندو ۽ علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ ڪوششون جاري رکندو. مهدي سفاري ان افسوسناڪ حادثي تي صدر شي جن پنگ ۽ پرڏيهي وزير وانگ اي طرفان تعزيت جو اظهار ڪرڻ تي سندن شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته ايران جون گهرو ۽ پرڏيهي پاليسيون تبديل نه ٿينديون ۽ ايران قومي تري جي عمل کي مضبوطي سان هٿي ڏيندو رهندو. ايران، چين سان گڏ پنهنجي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو ?? ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ ٻين شعبن ۾ سه??ار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ ٽياڪڙي کي هٿي وٺائڻ تي چين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ايران لاڳاپيل عمل کي ??اري رکڻ ۽ خطي جي ملڪن سان لاڳاپن کي ??هتر بڻائڻ جو خواهشمند آهي.
مشڪل جي هن گهڙي ۾ ايران سان گڏ آهيون: چيني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کڑک