نئين دهلي -13 سيپٽمبر (اي پي پي) ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا آهن. چين جي خابرو اداري مطابق ڀرت پور ??لع جي ٽريفڪ پو??يس ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته جئه پور- آگرا شاهراه تي گجرات رياست کان مسافرن کي کڻي مذهبي رسمن جي ادائگي لاءِ اتر پرديش ويندڙ بس فني خرابي سبب انترا فلاءِ اوور ??ي بيٺي هئي ته ان دوران پٺيان آيل هڪ ٽرالر بس کي زوردار ٽڪر هنيو جهن جي نتيجي ۾ 6 عورتن سميت 11 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ 12 زخمي ٿي پيا. ترجمان ٻڌايو ته فوت??ن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. مقامي پو??يس واقعي جو ڪيس داخل ڪري تحقيقات شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ هر سال ڏيڍ لک ماڻهو روڊ حادثن جو شڪار ٿيندا آهن. حڪومت 2024ع تائين روڊ حادثن ۾ ٿيندڙ فوتگين جو 50 سيڪڙو تائين انگ گهٽائڻ جو هد?? مقرر ڪيو ويو آهي.
ڀارت ۾ بس ۽ ٽرالر ۾ خوفناڪ ٽڪر 11 ڄڻا اجل جو شڪار، 12 زخمي
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔