اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو، ان مج??ماڻي غفلت تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آ??ي، بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هڪ ا??لاس دوران مون گوادر بريڪ واٽر پراجيڪٽ ۾ مج??ماڻي غفلت تي جاچ جو حڪم ڏنو آ??ي. هن چيو ته ان تي سخت پريشاني ٿيندي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت 445 ملين ڊالر گرانٽ، 484 ملين ڊالر جي سهولتي قرضن ۽ فزيبلٽي جي موجودگي جي باوجود ان منصوبي کي نظرانداز ڪيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي تائين هر منصوبي ۾ دير ڪئي، جنهن سان قوم کي وڏو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هاڻي پريزنٽيشنز جو وقت ختم ٿي چڪو آ??ي ۽ ايڪ??ن جو وقت شروع ٿي ويو آ??ي. هن چيو ته گوادر سي پيڪ جو حصو هجڻ سبب نه رڳو بنيادي ڍانچي جي ترقي جي حوالي سان اهم آهي پر ان جي سياسي، اقتصادي اهميت به وڌيڪ آهي. هن چيو ته بلوچستان جي پسماندگي کي خوشحالي ۾ بدلائڻ اسان جي گڏيل ذميواري ۽ منهنجو مشن آهي.
پي ٽي آءِ جي حڪومت جي دور ۾ توانائي کان وٺي بنيادي ڍانچي جي هر منصوبي ۾ دير جو وڏو نقصان ٿيو: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی مشہور لاٹری