اسلام آباد – 06 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر سڄي ملڪ ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جون ڊائمنڊ ??وبلي تق??يبون شاندار طريقي سان ملهائ?? جي لاءِ پلان جو جائزو ورتو. ان سلسلي ۾ هڪ اجلاس ٿيو جنهن ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل بابر افتخار شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڊائمنڊ ??وبلي جي جشن کي قومي يڪجهتي، اتحاد ۽ ٻڌي جي فروغ جو يادگار موقعو بڻايو ويندو. تق??يبن ۾ سڄي ملڪ جي سمورين ثقافتن ۽ وفاق پاڪستان جي سمورن رنگن کي شامل ڪيو ويندو. نوجوانن جي جشن آزادي تق??يبن ۾ مقابلن ۾ ڀرپور شرڪت يقيني بڻائي ويندي. اجلاس ۾ پاڪستان قائم ڪر?? جي 75 هين سالگرهه جي حوالي سان سان تجويز ڪيل تق??يبن ۽ تيارين جي انعقاد جو جائزو پڻ ورتو ويو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر پاران 75 سالا تق??يبن جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جشن آزادي جي موقعي تي نغمن جا مقابلا ۽ ان ۾ حصو وٺندڙن بابت تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ملي نغمن جي مقابلن ۾ حصو وٺ?? جي تاريخ 30 جون مقرر ڪئي وئي هئي، پهرين کان 9 جولاءِ تائين مقابلن ۾ شريڪ ٿيندڙن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويندو، شارٽ لسٽ ڪيلن کي اسلام آباد گهرايو ويندو، مقابلا کٽيندڙ اميدوار جو ملي نغمو 11 کان 14 آگسٽ 2022ع تائين قومي نشرياتي رابطي تي نشر ٿيندو. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته سڄي دنيا ۾ سمورن پاڪستاني سفارتخانن ۾ به 75 هين سالگرهه جي حوالي سان تق??يبون منعقد ڪيون وينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار ملڪ گير تق??يبن جي انتظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وزير قومي تق??يبن جون تياريون ڪندڙ ٽيمن ۽ ڊپارٽمينٽس جي جذبي کي ساراهيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ آءِ ايس پي آر سڄي ملڪ ۾ پاڪستان قائم ڪرڻ جون ڊائمنڊ جوبلي تقريبون شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ پلان جو جائزو ورتو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے نتائج