اسلام آباد – 30 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اس??مبلي کان وٺي پنجاب اس??مبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي، آر ٽي ايس سسٽم ويهاري چئن سالن تائين هڪ نااهل مڙهيو ويو، عمران خان 4 سال پنهنجي ??اڪامي کي لڪائڻ جي لا??ِ انتقامي سياست ڪئي، عمران خان سمورن ادارن کي استعمال ڪري مخالفن تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا، عدالتن ۾ عمران خان جا ٺاهيل ڪيس ڪوڙا ثابت ٿيا، عدالتن پنهنجي ??يصلن ۾ لکيو ته اهي سمورا ڪيس بي بنياد الزامن تي ٺهيا. عمران خان جي ??ريس ڪانفرنس تي پنهنجي ردعمل ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پريس ڪانفرنس جو مقصد عمران خان جي ??ااهلين ۽ ناڪامين کي سامهون آڻڻ آهي، صحيح فيصلن کي عوام تائين پهچائڻ منهنجي ذميواري آهي. هن چيو ته برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي پڻ عمران خان جي ڪيسن کي ڪوڙو قرار ڏنو، ايسيٽ ريڪوري يونٽ اصل ۾ عمران خان جو ايسيٽ ميڪنگ يونٽ هو. هن چيو ته عمران خان سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف ??ي ضمانت جي خلاف پنهنجي اپيل واپس ورتي، اپيل واپس وٺڻ جو مطلب آهي ته وزيراعظم جي خلاف ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو. وفاقي وزير مريم اورنگزيب سوال اٿاريو ته عمران خان بطور وزيراعظم مبينا سائفر تي شفاف جاچ ڇو نه ڪرائي؟ عمران خان ڇو 28 مارچ تائين انتظار ڪيو؟ هن چيو ته نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو، قومي اس??مبلي کان وٺي پنجاب اس??مبلي تائين عمران خان آئين شڪني ڪرائي. هن چيو ته ميڊيا لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يصلي جي غلط تشريح تي ٻڌل رپورٽنگ ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي ??يصلي موجب پنجاب جي ??ڏي وزير حمزه شهباز کي عهدي تان ناهي هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا فيصلو پڙهڻ کانسواءِ ڌمال هڻن ٿا پوءِ يوٽرن وٺن ٿا. هن چيو ته عمران خان جو مقصد گار ڏيڻ ۽ معاشري ۾ انتشار پکيڙڻ آهي، عمران خان جو روزانو لڳندڙ تماشو بند ٿيڻ گهرجي، فرح گوگي کي استعمال ڪري ذاتي فائدا حاصل ڪيا ويا. وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف 3 ڀيرا عوام جي ڏنل مينڊيٽ سان وزيراعظم بڻيو، عمران خان کي ڪوڙ ڳالهائيندي شرم اچڻ گهرجي، عمران خان جي ??الائقي جي ڪري اڄ پاڪستاني عوام مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهجي رهي آهي.
نيوٽرل کي مداخلت ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ تي آرٽيڪل 6 لڳي ٿو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ لاٹری