اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آهن، جمهوريت تي يقين رکندڙن کي پارليامينٽ جي بالادستي تي پڻ يقين رکڻ گهرجي، بي اعتمادي کانپوءِ وڻ وڻ جي ڪاٺي ڪيئن حڪومت ڪندا. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير اسد عمر چ??و ته مسلم ليگ (ن) 5 سالن ۾ 57 لک روزگار پيدا ڪيا تحريڪ انصاف پنهنجي ٽن سالن ۾ بدترين ڪورونا وبا دوران 55 لک روزگار جا موقعا پيدا ڪيا. ا??ان جي دور ۾ روانگي واپار گذريل ٻن دورن کان وڌيڪ آهي. واڌويجهه جي شرح 15 سالن ۾ پهريون ڀيرو 5 سيڪڙو کان مٿي هلي وئي آهي. هن چ??و ته اها سڄي جدوجهد جمهوريت جي نالي تي ٿي رهي آهي، ڪهڙي جمهوريت آهي جنهن ۾ منحرف عورت ميمبر چوي ٿي ته 23 ڪروڙ رپين ۾ منهنجي زندگي سنورجي ويندي. ماڻهن جي ضمير جي ٻولي لڳائي خريد ڪيا وڃن ته اها جمهوريت آهي. سينيٽ جي اليڪشن سڀني جي سامهون چوري ٿي. ووٽ خريد ڪرڻ جو ثبوت موجود آهي، ا??ان ضمير فروشي جي خلاف ترميم جي لاءِ به انهن کي چ??و ته ان جو دروازو بند ڪر??و ته جيئن ڪو بندوق وارو نه ڪنهن کي کنڀي ۽ نه ووٽ جي ٻولي لڳي. هن چ??و ته ست سمنڊ پار کان جنهن جمهوريت جي لاءِ ويٺل فيصلو ڪن ته هي وزيراعظم قبول ۽ هي قبول نه آهي. ڪو خوددار پاڪستاني اهو تسليم نه ٿو ڪري سگهي. ڇا اهو پاڪستان جي آئين يا جمهوريت موجب ٿي رهيو آهي؟ هن وقت فرق پي ڊي ايم يا تحريڪ انصاف جو نه پر ٻن نظرين جو آهي، هڪ نظريو اهو چوي ٿو ته پاڪستان جا 22 ڪروڙ ڀڪاري ۽ ٻيو نظريو خودداري جو آهي. پاڪستان انهي ٻه واٽي تي بيٺل آهي. پاڪستان جي عوام کي فيصلو ڪرڻو آهي ته ڇا اهو آزاد، خودمختار ۽ خوددار پاڪستان هوندو يا اهو پاڪستان هوندو جتي ڪو ٻيو ملڪ ٻڌائي ته توهان کي ڇا ڪرڻو آهي. قوم کي خودداري ۽ آزادي ??ان علامه اقبال ۽ قائد جي خواب موجب پاڪستان ٺاهڻو آهي. جيڪي ماڻهو چئي رهيا هئا ته تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ وٺڻ وارو ڪير نه هوندو هاڻي اچو مقابلو ڪريو. حل تقريرن ??ان نه ووٽ ??ان نه نڪرندو. هن چ??و ته نبي ??? ج?? امتي آهيون ا??ان انگ جي بنياد ??ي گهٻرائڻ وارا نه آهيون. ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آهن. بلاول ڀٽو جي ان ڳالهه ??ان اتفاق آهي ته ووٽ ??ان مسئلن جو حل ڪڍو. هن چ??و ته جيڪا روايت شروع ڪئي وئي آهي اها رڪجڻ واري نه آهي. پوءِ 15 ارب ۾ اهو ڪم ڪير به ڪري سگهي ٿو، ان سياست جي پڄاڻي ڪا سٺي نظر نه اچي رهي آهي. هن مخالف ڌر کي چ??و ته اها اليڪشن ۾ اچي. هن چ??و ته جمهوريت تي يقين رکندڙن کي پارليامينٽ جي بالادستي تي به يقين رکڻ گهرجي. قومي سلامتي ڪميٽي ۾ سڀ کان اڳ مخالف ڌر اڳواڻ کي گهرايو ويو. ان بابت نه ٿا چئي سگهو ته کيس دعوت نه ڏني وئي. ان اجلاس ۾ سموري ليڊرشپ کي گهرايو ويو هو پر اهي نه آيا. هن چ??و ته اڃا به وقت آهي ان ميمو تي ان ڪئميره بريفنگ جي لاءِ اجلاس گهرايو. هن قوم کي چ??و ته هي جدوجهد پاڪستان جي بقاءَ، آزادي ۽ خودمختياري جي لاءِ آهي اها ڪنهن بي اعتمادي جي قرارداد جي تابع نه آهي. عمران خان اها جدوجهد جاري رکندو ۽ هي ميمبر ان ??ان گڏ بيٺل رهندا، پوري قوم ان ??ان گڏ بيـٺل هوندي.
ملڪ کي انتشار مان ڪڍڻ جي لاءِ اليڪشن ضروري آهن: اسد عمر
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت