اسلام آباد – 03 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل جي عل??ئقي چمن ۾ عيدگاهه ويجهو بم ڌماڪي ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. ميڊيا رپورٽس موجب ڌماڪو افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد جي والده جي فاتحه خواني دوران ٿيو. افغان حڪومت جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته ڌماڪي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن گروپ تسليم نا??ي ڪئي.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن