اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه م??مو?? قريشي چيو آهي ته پاڪستان رو?? سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس م??ابق شاهه م??مو?? قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس جي پرڏيهي وزير کي اپريل 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته رو?? سان ٻه طرفه ناتا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسيءَ جي ترجيحات ۾ شامل آهن. پاڪستان، رو?? سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي رابطن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام لاءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهميءَ کي يقيني بڻايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي بر??در?? افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد لاءِ اڳيان وڌي. شاهه م??مو?? قريشي چيو ته پاڪستان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن فار واپار ۽ ٽريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پاڪستان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:39
پاڪستان روس سان واپار ۽ توانائيءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن