فيصل آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ ملڪ جي معاشي س??ح تي خوشخبريون اچي رهيون آه?? ۽ معيشت ان وقت مٿي وڃي ??هي آهي جڏهن ملڪ ۾ ڪورونا وائرس هو، اهڙي طرح اسٽاڪ ايڪسچينج مٿي وڃي ??هي آهي ۽ ايڪسپورٽ ۾ 13، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ ۾ 40 سيڪڙو اضافي سميت ڪڻڪ، مڪئي، ڀاڻ ۽ ٻين زرعي جنسن جي پيداوار ۾ آبادگارن کي مناسب قيمتن جي فراهمي جي ڪري رڪارڊ اضافو ٿيو آه?? تنهن ڪري اسان چاهيون ٿا ته ان ترقي جو فائدو عام ماڻهو تائين پهچي جنهن جي لاءِ نئين مالي س??ل جي بجيٽ ۾ قدم کنيا پيا وڃن پر اها سڄي ترقي پرچيءَ چيئرمين بلاول کي نظر نه اچي ??هي آهي جڏهن ته گذريل دور ۾ ا??بين رپيا رڳو سنڌ کي اين ايف سي ايوارڊ جي مد ۾ مليا آه?? پر اتي ٻارن کي خوراڪ ۽ ڪتي جي ڪاٽڻ جي ويڪسين تائين نه ٿي ملي ۽ سڀ کان وڌيڪ مهانگائي به سنڌ ۾ آه??، شهباز شريف کي گهرجي ته هو فضل الرحمان ۽ ٻين مخالف ڌر پارٽين سان گڏجي حڪومت جي خلاف سازشن بدران پارليامينٽ ۾ اچي قانونسازي ۽ قومي معاملن تي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري، شهباز شريف جيڪو پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ پي ڊي اي کي گڏ ڪري رهيو آه?? اڳ ۾ هو (ن) ليگ کي ته گڏ ڪري وٺي ڇو ته مريم ۽ شهباز ۾ ا??تلافن جي ڪري مريم نواز اولهه طرف آه?? ته شهباز شريف اوڀر طرف آه?? پر ڪير ڪجهه به ڪري وٺي پر اين آر او نه ملندو. جنرل اسپتال غلام آباد فيصل آباد ۾ علي زي?? بلڊ ٽرانسفيوزن سينٽر جي دوري جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن اسان حڪومت سنڀالي ته اسان کي تمام گهڻا چئلينجز درپيش هئا پر هاڻي اسان سمورين مشڪلاتن مان نڪري آيا آه??ون ۽ هاڻي حقيقي معنيٰ ۾ عوامي ريليف جو سفر شروع ٿي رهيو آه??.
وزيراعظم جي ويزن موجب حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ معاشي سطح تي خوشخبريون اچي رهيون آهن: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس