سرگوڌا – 14 اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو، موجوده حڪومت پهريون ڀيرو عام ماڻهن کي گهرن جي فراهمي لاءِ قرض ڏنا، حڪومت جو ڪم عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي، کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جي جاچ ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون، ڪنهن جا خدشا آهن ته جائزو وٺي سگهن ٿا پر قانون جي بالادستي تي ڪو به ٺاهه نٿو ٿي سگهي، طاقتور کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي جنهن معاشري ۾ انصاف ناهي هوندو اتي غربت هوندي آهي. سرگوڌا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزي??اع??م عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ گهر ٺاهڻ جو نه سوچيو، وزي??اع??م جوڻيجو جي دور ۾ منصوبو ٺاهيو ويو پر ناڪام ٿي ويو، حڪومت ماڻهن کي مفت گهر نٿي ڏي سگهي پر بئنڪن جي ذريعي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي ته جئين عام ۽ غريب ماڻهن کي گهر جي تعمير لاءِ رقم دستاب ٿي سگهي، په??ين بئنڪون عام ماڻهن کي قرض نه ڏينديون هيون، هائوسنگ لاءِ قرض ڏيڻ جي راهه ۾ قانوني رڪاوٽ هئي جنهن کي اسان ختم ڪري ڇڏيو. ان ۾ ٻه سال لڳي ويا، گهر ٺاهڻ لاءِ بئنڪن جي شرڪت نهايت ضروري هئي، بئنڪن کي ان منصوبي ۾ شريڪ ڪ??ڻ لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي وئي، وزي??اع??م چيو ته هاڻي بئنڪن جي عملي کي تربيت ڏني پئي وڃي ته ڪهڙي طرح هو غريب ماڻهو کي سهولت فراهم ڪن، حڪومت گهر جي تعمير تي ٽي لک سبسڊي به ڏئي رهي ??هي ۽ ان سان گهرن جون قسطون گهٽ ٿي وينديون، هڪ عام ماڻهو جيڪو رقم پنهنجي گهر جي مسواڙ جي مد ۾ ڏيندو آهي ??ها ئي رقم بئنڪ کي قرض جي قسط جي صورت ۾ ادا ڪري پنهنجي گهر جو مالڪ بڻجي سگهي ٿو. جهانگير ت??ين ۽ سندس حمايت ڪندڙ ڪجهه ميمبرن جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ وزي??اع??م چيو ته هو ميمبرن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي پر سوا سال ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 26 روپين جو اضافو ٿيو جنهن سان عوام جي کيسي مان 126 کان 140 ارب روپيا نڪري شوگر ملز مالڪن جي جيب ۾ هليا ويا، وزي??اع??م چيو ته حڪومت جو عوام جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ هوندو آهي، اسان جڏهن ايف آءِ اي کان ان معاملي جي انڪوائري شروع ڪرائي ته خوفناڪ شيون سامهون آيون ته خبر پئي ته ڪيئن ڪارٽلز ٺاهي ??هي ??وام جو رت چوسين ٿا، ٽيڪس چوري ڪن ٿا، انڊر ڊڪليئر ڪندا آهن.
پاڪستان ۾ ڪنهن ڪمزور طبقي لاءِ نه سوچيو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará