اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ??دا??ن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي، اسان سڀني قومي ??دا??ن کي سڌارن جي ذريعي ترقي ڏيڻ جا خواهشمند آهيون. تحريڪ انصاف پي ٽي وي ۾ هڪ به ڀرتي نه ڪئي، ٽي وي چئنلن جي مالڪن سان طئي ٿيل فارمولي تحت انهن جي ره??ن جي باقي رقم به ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي. قومي اس??مب??ي ۾ سوالن جي وقفي دوران چوڌري محمد برجيس طاهر جي سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ميڊيا جي بقايائن جي حوالي سان ٽن قسمن جا بل هئا جنهن ۾ پيپلزپارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آ??ِ جي دور جي ٻن سالن جي بلن بابت مالڪن سان ڳالهيون ٿيون آهن، اسان آخري ٻن سالن جي بلن جي ??دا??يگي جو فيصلو ڪيو، ڪل رقم هڪ ارب 15 ڪروڙ روپيا بڻجندي هئي جنهن مان اڌ ادا ڪئي وئي ۽ بقايا رقم ايندڙ هڪ هفتي ۾ ادا ڪئي ويندي، هن چيو ته علائقائي اخ??ارن کي اشتهارن جي فراهمي جي حوالي سان نئون ميڪنزم ٺاهيو پيو وڃي، جنهن جا تفصيل سامهون آندا ويندا.
ماضي جي حڪومتن پي ٽي وي سميت قومي ادارن کي سياسي ڀرتيون ڪري تباهه ڪيو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔