لاڙڪاڻو – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثا??يه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثا??يه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا و??ها??ا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ڪيش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آ??ن. ??زيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙڪاڻي جا هڪ لک 50 هزار خاندان احساس ڪيش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت رڳو لاڙڪاڻي ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ و??ها??ا ويندا. لاڙڪاڻي ۾ ڪيش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم جو لاڙڪاڻي ۾ احساس ايمرجنسي ڪيش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو
مضمون کا ماخذ : رومن دولت