اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پنجاب جي سينئر وزير عليم خان جي گرفتاري سان پاڪستان ??حريڪ انصاف ۽ ٻين سياسي پارٽين جي ڪلچر جو فرق واضح ٿيو آهي. مقام?? هوٽل ۾ ميڊيا ليب جي لانچنگ تقريب کي خطاب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اڄ نيب عليم خان کي طلب ??يو هو، جڏهن نيب جي طرفان ??ن کي ٻڌايو ويو ته توهان کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ته هن فوري طور تي پنجاب جي وڏي وزير کي پنهنجي استعيفا موڪلي ڇڏي، جنهن سان پاڪستان ??حريڪ انصاف جي ڪلچر جي خبر پوي ٿي ته اسان جي پارٽي احتساب جي عمل کي ڪهڙي طرح حمايت ڪندي آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات