اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ کي ??رپيش مسئلن جي حل لاءِ حڪومت جي لاءِ رهنما اصول جوڙيندي ڪرپشن جي خاتمي، سادگي جي فروغ، بدعنواني کان پاڪ نظام، غيرضروري پروٽوڪول جي خاتمي، پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن جي ترقي، پٺتي پيل علائقن ۾ تعليمي نظام کي مضب??ط ڪرڻ، ??ار?? سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن گڏيل بقاءَ جي بنياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي جڏهن ته پاڪستان جي ان عزم کي ورجايو آهي ته سندن حڪومت ۽ عوام والاريل ڪشمير جي عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي. هو پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي ??طاب ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جو خطاب نئين پارلياماني سال جو نقطه آغاز آهي. الله تعاليٰ ايندڙ ڏينهن کي ??سان جي لاءِ رحمت ۽ برڪتن وارو بڻائي. هن چيو ته هنن ايوان ۽ لنگهن سان سڃاڻپ هن ايوان جي ميمبر جي حيثيت سان ڪيترائي سال پراڻي آهي، مون تي جيڪي ذميواريون لاڳو ٿيون پئي انهن کي ??دا ڪرڻ جي لاءِ هتي گڏجي ويهي جيڪو ڪجهه ڪري سگهيس پئي مون پوري ايمانداري ۽ صلاحيت م??جب انجام ڏنو آهي.
پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : خون چوسنے والے II