اسلام آباد – 25 ج??لا??ِ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته چئني صوبن مان اليڪشن ڪيمشن جي ميمبرن جي نالن کي حتمي شڪل ڏئي انهن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان وزيراعظم محمد نواز شريف کي خط لکي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن عمران خان جي تجربن کي سامهون رکون ها ته ??اڪستان جو اليڪشن ڪميشن ڪڏهن به نه ٺهي ها، جيڪڏهن ٺهي به وڃي ها ته ??ٽي وڃي ها، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي نالن کي آئين ۽ قانون موجب حتمي شڪل ڏني وئي آهي، اليڪشن ڪميشن جي انهن ميمبرن مان ٻن کي اڍائي سال ۽ ٻن کي 5 سالن جي لاءِ مقرر ڪيو ويندو جڏهن ته ان حوالي سا?? فيصلو ڪُڻن ذريعي ڪيو ويندو. چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي لاءِ قائم پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو.
اليڪشن ڪميشن ميمبرن جي نالن جي توثيق ڪري ڇڏي آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : سپر اسپنر