واشنگٽن- 19 نومبر (اي پي پي) آمريڪا جي نئين چونڊيل صدر ڊو??لڊ ٽرمپ غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري جي منصوبي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. دي اڪنامڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق نئين چونڊيل صدر چيو ته هو پنهنجي ان منصوبي تي عملدرآمد لاءِ قومي سطح تي هنگامي حالت لاڳو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو جنهن دوران رهندڙ پناهگيرن جن جي آمريڪا ۾ رهائش جي قانوني حيثيت ناهي، انهن جي وڏي پيماني تي ملڪ بدري ۾ آمريڪي فوج جي مدد به ورتي ويندي. ڊو??لڊ ٽرمپ اها ڳالهه پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم، ٽروٿ سوشل پرٽام ف??ن طرفان ڪيل هڪ پوسٽ جي جواب ۾ ڪئي. واضح رهي ته جوڊيشل واچ نالي اداري سان ڳنڍيل ٽام ف??ن دعويٰ ڪئي هئي ته ڊو??لڊ ٽرمپ جي انتظاميه قومي ايمرجنسي جو اعلان ڪري غيرقانوني طور رهندڙ پناهگيرن جي ملڪ بدري ۽ غير قانوني اميگريشن کي منهن ڏيڻ لاءِ فوجي اث??ثا استعمال ڪندو.
مضمون کا ماخذ : بونانزا