واشنگٽن ̵1; 15نومبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالوجي ڪمپني ٽيسلا ۽ اسپيس ايڪس جي باني اي??ون مسڪ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير سان ملاقات ڪئي آهي. آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ ٻن ايراني اختيارين جو حوالو ڏيندي آمريڪي ارب پتي شخصيت اي??ون مسڪ ۽ گڏيل قومن ۾ ايران جي سفير امير سعيد ايراواني وچ ۾ ملاقات کي مثبت قرار ڏنو آ??ي. نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم دوران سندس ڀرپور حمايت کان پوءِ آمريڪي سياست ۾ اي??ون مسڪ جي اثر و رسوخ ۾ اضافو ٿيو ۽ نئين چونڊيل صدر کيس پنهنجي انتظاميا ۾ اهم ڪردار ڏيڻ جو اعلان ڪيو آ??ي. اخبار جو چوڻ آهي ته اي??ون مسڪ ۽ ايراني سفير ڳجهي هنڌ هڪ ڪلاڪ کان به وڌيڪ ملاقات ڪئي. نه ته ٽرمپ جي ٽيم ۽ نه ئي گڏيل قومن ۾ ايراني مشن ملاقات جي تصديق ڪئي، پر ايراني عهديدارن پاران ان ملاقات جي تصديق مان اندازو لڳائي س??هج?? ٿو ته ڊونلڊٽرمپ ايران سان سفارتڪاري ۾ سنجيده آهي. پنهنجي گذريل صدارتي دور ۾ ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي اي??مي پروگرام ت?? اڳ واري صدر باراڪ اوباما جي دور ۾ طئي ٿيل معاهدي کي ٽوڙي ڇڏيو هو، ان کان علاوه هن ايران تي پابندين ۾ اضافو ڪري وڌ کان وڌ دٻاءُ جي پاليسي تي عمل ڪيو هو.
آمريڪي ارب پتي ايلون مسڪ جي گڏيل قومن ۾ ايراني سفير سان ملاقات مثبت رهي: نيويارڪ ٽائمز
مضمون کا ماخذ : را کی کتاب