ڪويت سٽي-22 آڪٽوبر (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران جي پاڙيسري ملڪن عهد ڪيو آهي ته هو ڪنهن حملي لاءِ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي پهرين آڪٽوبر تي اسرائيل تي ايران جي ميزائل حملي جي ڪجهه هفتن کانپوءِ ڪويت ۾ هڪ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته اسان جي سمورن پاڙيسري ملڪن اسا?? کي يقين ڏياريو آهي ته هو پنهنجي سرزمين يا فضائي حد?? کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا. هن چيو ته اسان خطي ۾ آمريڪي اڏن ج?? چرپر تي گهري نظر رکي آهي ۽ انهن جي سمور?? چرپر ۽ اڏامن بابت ڄاڻون ٿا. هن وڌ??ڪ چيو ته جيڪڏهن اسرائيل ڪنهن به شڪل ۾ ايران تي حملو ڪري ٿو ته ايران ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته ايٽمي هنڌن تي حملو ڪرڻ عالمي ڏوهه آهي، ايتري قدر تي ايٽمي هنڌن تي حملي جي ڌمڪي ڏيڻ به هڪ ڏوهه ۽ عالمي حقن جي خلاف ورزي آهي. هن وڌ??ڪ چيو ته پنهنجي ۽ پنهنجي ايٽمي هنڌن جي دفاع لاءِ اسان وٽ پنهنجا اوزار ۽ طريقا آهن ۽ اسان انهن تي ڀروسو ڪيون ٿا.
پاڙيسري ملڪ پنهنجي سرزمين يا فضائي حدن کي ايران خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا: ايراني پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : como apostar na mega sena