برسلز-18 جنوري (اي پي پي) يورپي پارلياماني نمائندن اسرائيل تي فسلطينين جي نسل ڪشي جو الزام لڳائيندڙ ملڪ ڏکڻ آفريقا جي حمايت جو مطالبو ڪيو آهي. ٽي آر ٽي موجب يورپي پارليامينٽ جي جنرل اسيمبلي ۾ غزه جي حوالي سان خصوصي ويهڪ دوران يورپي يونين سان ڏکڻ آفريقا طرفان انصاف جي ??ال??ي عدالت ۾ اسرائيل خلاف داخل ڪيل نسلي ڪشي جي ڪيس جي حمايت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. آئرش پارلياماني ميمبر ڪليئر ڊيلي پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسرائيلي حڪومت کي غزه ۾ هزارين شهرين کي شهيد ڪرڻ ۽ مسلسل بمباري باوج??د اسرائيلي عوام آڏو ناڪامي ٿي آهي ۽ هن علائقي جهڙپ?? لاءِ چڙ ڏياريندڙ قدمن جو سهارو ورتو آهي. هن چيو ته يورپي عوام فلسطين ۽ ڏکڻ آفريقا سان گڏ بيٺل آهي. گرين گروپ جي ميمبر سياران ڪوفي به ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ۽ سندس حڪومت کي ??ال??ي قانون جي خلاف ورزين جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. فن لينڊ جي ميمبر چيو ته يورپي يونين کي ڏکڻ آفريقا طرفا?? عدالت ۾ داخل ڪيس جي حمايت ڪرڻ گهرجي. فرانس جي ميمبر به چيو ته اسان کي ڏکڻ آفريقا جي حمايت ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ه?? عدالت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي. اسان کي اسرائيل سان حصيداري جي معاهدي کي به معطل ڪرڻ گهرجي ۽ اسرائيل کي پنهنجي هٿيارن جي روانگي واپار کي روڪڻ گهرجي. اسان کي ڏوهن ۾ ملوث هجڻ جي عمل کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
اسرائيل علائقي جهڙپن لاءِ چڙ ڏياريندڙ قدمن جو سهارو ورتو، يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن جي اسرائيل خلاف ڏکڻ آفريقا جي ڪوششن جي حمايت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج