رامله -28 آگسٽ (اي پي پي) فلسطين جي اختيارين اولهه ڪناري ۾ آبادڪار گروپن ??ي ڪفالت روڪڻ لاءِ اسرائيل جي حڪومت تي عالمي دٻاءُ وڌائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. چين جي خابرو اداري مطابق فلسطين جي پرڏيهي وز??رت اهو مطالبو اولهه ڪناري ۾ اسرائيل جي آبادڪارن جي ف??سطيني فارمولي تي حملي بعد هڪ بيان ۾ ڪيو ويو آهي. فلسطين جي وز??رت اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي ساڄي ڌر جي حڪومت جي انهن حملن جو مڪمل ۽ سڌي ريت ذميوار قرار ڏنو آهي ۽ انهي ريت ??ي ڪارروائين جا نتيجا علائقي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪندا. واضح رهي ته 1967ع ۾ اولهه ڪناري تي قبضو ڪيو ويو هو ۽ ان بعد کان اتي يهودي وسنديون قائم ڪيون پيون وڃن جيڪا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي تصور ڪئي ويندي آهي.
مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania