اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير منير ا??رم ملڪ جي آزادي واري ڏهاڙي جي موقعي تي گڏيل قومن جي ڪميونٽي جي نالي هڪ پيغام ۾ ڪشميري عوام جي انهن جي حق خوداراديت ۽ آزادي جي جدوجهد تي روشني وجهندي چيو ??ه اسان گڏيل قومن ۽ سڀني فورمن تي ڪشمير جي آزادي لاءِ آواز بلند ڪندا رهنداسين. منير ا??رم چيو ??ه اسان لکين ڀائرن ۽ ڀينرن سان رڳو پنهنجي واعدي جي مطابق وطن حاصل ڪرڻ، قوميت ۽ آزادي جي پنهنجي خواب کي پورو ڪرڻ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، اسان کي انهن جي بهادري، انهن جي نظرين ۽ انهن جي قربانين کي به نه وسارڻ گهرجي. پاسڪتاني سفير چيو ??ه اڄ اسان پ??هنجي آزادي جو ??شن ملهائي رهيا آهيون ۽ اسان پ??هنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حق خوداراديت واري جدوجهد ۾ انهن سان مضبوطي سان بيٺل آهيون.
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa