لاهور – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته نبي آخرالزمان صه مسلمان امت کي اهڙو رستو ڏيکاريو جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جي ضمانت آهي، دنيا اهو تسليم ڪرڻ تي مجبور آهي ته امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڻ صه جي نقش قدم تي هلندي ئي م??زل حاصل ڪري سگهجي ٿي، قرآن مجيد سان گڏوگڏ ميثاق مدينه ۽ خطبه حجته الوداع اهڙا بهترين دستاويز آهن جن کان رهنمائي وٺي سمورا مسئلا حل ڪري سگهجن ٿا، گذريل سالن دوران ??لڪ ۾ اسلام جي نالي تي فساد پکيڙيا ويا، هڪ ٻ??ي جا گلا ڪاٽيا ويا، حڪومت ٽن سالن جي ڪوششن سان ??ساد جو دروازو گهڻي حد تائين بند ڪري ڇڏيو، حڪومت قومي قيادت، عالم سڳورن، فوج ۽ ٻين رياستي ادارن جي قربانين سان دهشتگردن جا مرڪز ختم ڪيا ويا آهن ۽ هاڻي اسان جي ڪوشش آهي ته انتهاپسندي جو دروازو به بند ٿي وڃي، اهو ڪم حڪومت سان گڏوگڏ عالم سڳورن ۽ ا??ل دانش کي ڪرڻو آهي. هو مقامي هوٽل ۾ مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت جي اهتمام هيٺ ”بين المذاهب هم آهنگي اسلامي تعليم ۽ اسوه رسول صه جي روشني ۾“ جي م??ضوع تي م??عقد بين الاقوامي سيرت النبي صه ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.
نبي ڪريم صه مسلمان امت کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو رستو ڏيکاريو: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا