گڏيل قومون-12 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي وڏي اڪثريت سان هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو، جنهن ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان قرا??دا?? کي آمريڪا ۽ اسرائيل رد ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جنرل اسيمبلي ۾ ان قرا??دا?? جي حمايت ۾ 158 جڏهن ته مخالفت ۾ 9 ووٽ و??ا ويا، جڏهن ته 13 ملڪن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. ٺهراءَ ۾ ترت ۽ غير مشروط ۽ مستقل جنگ بندي ۽ سمورن يرغمالين جي فوري ۽ غير مشروط آزادي تي زور ڏنو ويو آهي. ان قرا??دا?? جو متن گذريل مهيني سلامتي ڪائونسل ۾ آمريڪا پاران ??يٽ?? ڪيل متن جهڙو آهي. اُن وقت آمريڪا پنهنجي اتحادي اسرائيل کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ??يٽ?? پاور جو استعمال ڪيو هيو جيڪو اهو اڳ ۾ به ڪري چڪو آهي. گڏيل قومن ۾ آمريڪا جي نائب سفير رابرٽ ووڊ آمريڪي موقف ورجائيندي چيو ته متن کي قبول ڪ??ڻ غلط هوندو. ووٽنگ کان اڳ اسرائيل جي گڏيل قومن ۾ سفير ڊيني ڊينن چيو ته اڄ اسمبلي جي سامهون پيش ڪيل قرا??دا??ون منطق کان مٿانهيون آهن، اڄ جو ووٽ همدردي جو ناهي، اهو شراڪتداري لاءِ ووٽ آهي. قرا??دا?? ۾ غزه خاص طور تي ڪڙو چڙهيل اتر وارن علائقن جي شهرين لاءِ وسيع پيماني تي انساني امداد تائين فوري رسائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. گڏيل قومن جي درجنين ميمبرن ووٽنگ کان اڳ اسمبلي کي خطاب ڪندي فلسطينين جي حمايت ڪئي.
گڏيل قومن جي جنرل اسمبلي ۾ غزه ۾ فوري ۽ غير مشروط جنگ بندي جو ٺهراءَ منظور، آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان مخالفت
مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ