گڏيل قومون-23 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته هو گڏيل قومن ج?? اهتمام هيٺ ووٽنگ ذريعي ڪشميري عوام جي خود اراديت وارو حق حاصل ڪرڻ ۽ سندن انساني حقن ج?? خلاف ورزين ج?? سلسلو ختم ڪرڻ ۾ مدد ڪري. گڏيل قومن ۾ پاڪستان ج?? مستقل نمائندي عثمان جدون والاريل فلسطين ج?? سنگين صورتحال تي به خيالن ج?? اظهار ڪيو. پاڪستاني نمائندي جنرل اسيمبلي جي ٽئين ڪميٽي ۾ انساني حقن کي هٿي ۽ تحفظ جي موضوع تي مباحثي دوران ٻڌايو ته والاريل فلسطيني علائقن ۾ غير قانوني وسندين ج?? توسيع، اسرائيلي قابض فوج طرفان طاقت جي استعمال ۽ غزه جي ناڪه بندي سنگين خلاف ورزيون آهن ج??ڪي عالمي برادري جي فوري ڌيان ج??ن گهرجائون ??هن. هن وقت جاري جنگ ۾ فلسطيني عوام خلاف انسانيت خلاف ڏوهن ج?? خاتمو ٿيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي چيو ته ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ به ضرورت کان وڌيڪ طاقت جو استعمال، جبري گمشدگيون، من ماني، نظربنديون ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابنديون گ??يل قومن ج?? انساني حقن ۽ انساني حقن واري ڪائونسل بابت هاءِ ڪمشنر وٽ ٻن درجن کان وڌيڪ رپورٽن ۾ داخل ??هن. هن چيو ته اهي خلاف ورزيون 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارت جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کانپوءِ شدت اختيار ڪري ويون آهن ج?? جو مقصد ڄمون ڪشمير تي ڀارتي حڪومت جي ناپاڪ حتمي حل مڙهڻ آهي. نمائندي چيو ته عالمي برادري اڪثر شهري ۽ سياسي حقن تي زور ڀريندي آهي پر اقتصادي، سماجي ۽ ثقافتي حقن کي ترجيح نٿي ڏني وڃي، اهو عدم توازن نه رڳو ناانصافي آهي پر اڻبرابري کي به هوا ڏئي ٿو. تعليم، صحت، باعزت روزگار ۽ مناسب زندگي جي معيار جو حق به ايترو ئي بنيادي آهي. ان لاءِ انساني حقن ج?? خلاف ورزين ج?? بنيادي سببن ج??ڙوڪ غربت، بک ۽ اڻبرابري تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي ڀارت کي دهشتگردي جو ??رڪ?? قرار ڏيندي چيو ته ڀارتي اڳواڻ پنهنجي رياستي سرپرستي جي پاليسي تي عمل پيرا ??هن. ( ٽي ٽي پي) تحريڪ طالبان پاڪستان ۽ (بي ايل اي) بلوچستان لبريشن آرمي جهڙين دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ۽ هٿياربند ڪري رهيا ??هن. انهن تنظيمن ج?? پاڪستان اندر دهشتگرد حملن ۾ هزارين بي گناهه عورتون، مرد ۽ ٻار شهيد ٿيا، ڪلڀوشن ياديو جهڙن ايجنٽن سڄي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ تشدد پکيڙيو ۽ ڀارت جي دهشتگرد فرنچائيز هاڻي علائقائي ۽ عالمي سطح تي هلي وئي آهي. پاڪستاني نمائندي ان موقعي تي ڀارت ۾ منظم امتيازي سلوڪ، نفرت انگيز ڏوهن ۽ 20 ڪروڙ کان وڌيڪ مسلمانن تي جاري ظلم ۽ ستم جو به حوالو ڏنو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن ج?? نسل ڪشي جي عوامي مطالبن، گجرات، ممبئي ۽ دهلي ۾ هزارين بي گناهه مسلمانن ج?? قتل، مذهب جي جبري تبديلي، بابري مسجد سميت سوين مسجدن ج?? بي حرمتي ۽ انهن ج?? جاين تي مندرن ج?? تعمير، امتيازي شهريت ترميمي قانون ۽ لو جهاد جي قانونن ۽ سياسي اڳواڻن طرفان نفرت ڦهلائيندڙ تقريرون، مسلمانن کي گرين وائرس چوڻ ڀارت ۾ معمول بڻجي ويو آهي.
عالمي برادري ڪشميري عوام جي خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪري: پاڪستاني نمائندو
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا