گڏيل قومون-03 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي ??نرل سيڪريٽري انتونيوگوتريش چيو آھي ته اسرائيل، آمريڪا ۽ فرانس جي ??نگبندي جي ??جويز کي رد ڪندي نه رڳو پنھنجن حملن ۾ شدت پيدا آڻي لبنان جي گادي واري شھر بيروت سميت سڄي ملڪ ۾ فضائي حملا ڪيا آھن پر ڏکڻ لبنان ۾ زميني فوجي ڪارروائي پڻ شروع ڪري ڇڏي آھي. لبنان ۾ اسرائيل جي ??ملن سبب پيدا ٿيل صورتحال ??ي غور لاءِ سڏايل سلامتي ڪائونسل جي ھنگامي اجلاس کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري چيو ته تڪرار جي ??دت ۾ اضافو علائقي جي ماڻھن کي تيزي سان بدحالي ۽ زوال ڏانھن ڌڪي رھيو آھي. ھن چيو ته ھاڻ ان غيرانساني صورتحال کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آھي. ھن چيو ته ھڪ ڇڪتاڻ وڌيڪ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ٿي. ھن عالمي برادري کي خبردار ڪيو ته وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي ??اتمي لاءِ انھن وٽ تمام گھٽ وقت بچيو آھي. ھن چيو ته اسرائيل ۽ لبنان جي ??رحد تي ڪيترين سالن کان تڪرار جاري آھي، پر گذريل سال ??ڪٽوبر ۾ سي??سي تڪرار جي ??دت ۾ اضافو ٿيو آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته ڇڪتاڻ ڊامائي انداز ۾ وڌي وئي آھي.
وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ عالمي برادري وٽ گھٽ وقت آھي: گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی