ماسڪو – 25 جولاءِ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن شام جي صدر بشارالاسد سان ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي صدرن وچ ۾ ماسڪو ۾ ٿيل ملاقات ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اي ايف پي مطابق اها ملاقات هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي آهي جڏهن روس، 2015 ع ۾ گهرو ويڙهه دوران پنهنجي فوجي مداخلت ذريعي بشارالاسد جي حڪومت کي ??چايو هو. گذريل سال مارچ کانپوءِ ٻنهي شخصيتن جي پهرين ملاقات ترڪيه جي صدر رجب طيب اردگان طرفان ترڪيه ۽ شام وچ ۾ لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪندڙ ٽنهي اڳواڻن جي ملاقات جي امڪان کي ??نم ڏيڻ کانپوءِ ٿي. ترڪيه جي صدر چيو ته هاڻي اسان ان هنڌ پهچي چڪا آهيون ته جيئن بشارالاسد ترڪ??ه سان لاڳاپن جي بهتري ڏانهن ڪو قدم کڻندو. اسان به اهڙي ئي طرز عمل جو مظاهرو ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria