مدينه منوره- 22 ڊسمبر (اي پي پي) سعودي صعنتي ۽ ترقياتي اٿارٽي مدن ۽ پبلڪ انويسٽمنٽ فنڊ جي سهڪار سان قائم ڪمپني تراث المدينه وچ ۾ مدينه منوره ۾ وڏي پيم??ني تي کجور جي مصنوعات کي هٿي ڏيڻ لاءِ فيڪٽري قائم ڪرڻ جو معاهدو ڪيو ويو آهي. عاجل نيوز مطابق تراث المدينه ڪمپني جي سي اي او چيو ته مدن سان معاهدي کانپوءِ فيڪٽري جي تعمير تي فوري ڪم شروع ڪيو ويندو. فيڪٽري جي تعمير جديد طريقي سان ڪئي ويندي. هن چيو ته فيڪٽري ۾ خاص طور تي مشهور عجوه کجور ??ون مختلف قسمن ??ون مصنوعات تيار ڪيون وينديون. ان کان علاوه مدينه منوره سميت ٻين علائقن جي کجورن کي پڻ فيڪٽري ۾ جديد ٽيڪنالوجي ذريعي محفوظ ڪيو ويندو.
مضمون کا ماخذ : غالب افریقہ