بيجنگ-12 ڊ??مب?? (اي پي پي) چين جي ??رڏيهي وزير وانگ يي پنهنجي ايراني هم منصب حسين امير عبدالهيان سان فون تي ڳالهه ٻولهه دوران غزه جي صورتحال ۽ ٻه طرفه لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ مطابق وانگ يي چيو ته فلسطيني اسرائيل تڪ??ار تي چين جو مؤقف جنگبندي ۽ تڪ??ارن کي جلد کان جلد ختم ڪرائڻ، انساني امداد کي يقيني بنائڻ ۽ ٻه رياستي حل طرف واپسي آهي. ايراني پرڏيهي وزير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي صدارت دوران غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگبندي لاءِ چين جي ڪوششن کي ساراهيو. چيني پرڏيهي وزير چيو ته سندس ملڪ جو مؤقف عرب ملڪن جي ??ؤقف سان هڪجهڙائي رکي ٿو ۽ اسلامي ملڪن ۽ عالمي برادري سان تمام گهڻو هم خيال آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جي ??لڪن کي غزه جي صورتحال تي مضبوط آواز بلند ڪرڻ گهرجي ۽ تڪ??ارن تي وڌيڪ متحد مؤقف بڻائڻ گهرجي. چين ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن جي حوالي سان وانگ يي چيو ته سندس ملڪ ايران سان هن سال ٻنهي ملڪن سربراهن جي ??لاقاتن دوران چين جي صدر شي جن پنگ ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي وچ ۾ طئي ٿيل اتفاق راءِ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ تيار آهي. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٽياڪڙي تي چين جا شڪرگذار آهيون ۽ ايران مختلف شعبن ۾ چين سان سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ناتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تيار آهي.
چيني پرڏيهي وزير جو ايراني هم منصب سان ٽيليفون رابطو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل