واشنگٽن -03 جولائي (اي پي پي ) آمريڪا جلد يوڪرين کي واڌو ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي فوجي امداد فراهم ڪندو. اها ڳالهه آمريڪي د??اع واري وزير لائيڊ آسٽن پينٽاگون ۾ پنهنجي يوڪرين جي هم منصب رستم عمروف سان ملاقات دوران چئي. آمريڪي د??اع واري وزير ان موقعي تي چيو ته هو واشنگٽن ۾ ايندڙ هفتي ٿيندڙ نيٽو سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين لاءِ نيٽو جي رڪنيت جو رستاکولڻ جا قدم کڻنداسين. رائٽرز موجب آمريڪي د??اع واري وزير چيو ته نئين فوجي امداد تحت يوڪرين لاءِ جديد ترين هٿيارن جي پيڪج ۾ ٽينڪ شڪن هٿيار ۽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز اين اي ايس ۽ پيٽرياٽ ايئر ڊفينس انٽر سيپٽرز شامل هوندا. آمريڪا 2022ع کان يوڪرين کي 50ارب ڊالرن کان به وڌيڪ ماليت جي فوجي امداد فراهم ڪئي آهي پر 5 نومبر جي صدارتي چونڊ?? ۾ ??ونلڊ ٽرمپ جي کٽڻ جي صورت ۾ يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد جي مستقبل ب??بت خدشا پيدا ٿي رهيا آهن. ٽرمپ جي ٻن اهم مشيرن ان کي هڪ اهم منصوبو پيش ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊون کٽي ويو ته يوڪرين جنگ ختم ڪري ڇڏينداسين ان ۾ يوڪرين کي ٻڌائڻ شامل آهي ته ان کي وڌيڪ آمريڪي هٿيار رڳو ان صورت ۾ ملندا جڏهن هو روس سان امن جون ڳالهيون شروع ڪندو. ان تجويز سان جنگ ب??بت آمريڪي پوزيشن ۾ هڪ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي ۽ ان کي يورپي اتحادين ۽ ٽرمپ جي پنهنجي ريپبلڪن پارٽي جي اندر مخالفت کي منهن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. يوڪرين جي د??اع واري وزير رستم عمروف ٽيلي گرام ميسيجنگ ايپ تي پوسٽ ڪيل بيان ۾ نئين فوجي امداد جي فراهمي جي فيصلي تي آمريڪا جو شڪريو ادا ڪيو. يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي ان موقعي تي ان اميد جو اظهار ڪيو ته نيٽو جي ايندڙ سربراهي اجلاس ۾ يوڪرين کي دفاعي اتحاد جي رڪنيت ڏيڻ جي معاملي تي اڳڀرائي ٿيندي.
آمريڪا جلد يوڪرين کي ٻه ارب 30 ڪروڙ ڊالرن جي امداد فراهم ڪندو: آمريڪا
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena