گڏيل ق??مون – 04 اپريل (اي پي پي) اتر ڪوريا گڏيل ق??من جي سلامتي ڪونسل ۾ پيانگ يانگ خلاف آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي روڪڻ لاءِ ويٽو پاور جو استعمال ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو آهي. روسي خابرو اداري تاس مطابق گڏيل ق??من ۾ اتر ڪوريا جي مستقل نمائندي ڪم سونگ صحافين کي ٻڌايو ته آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي ۾ اتر ڪوريا تي ٺهراءُ 1718 مطابق لاڳو ڪيل پابندين جي ڪميٽي جي سهڪار ڪندڙ ماهرن جي پينل جي مينڊيٽ ۾ توسيع تي ز??ر ڏنو ويو. هن چيو ته روس طرفان ويٽو پاور جو استعمال ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته ا??ر ڪوريا ڪڏهن به پيانگ يانگ تي سلامتي ڪونسل طرفان لاڳو پابندين يا پابندين واري ڪميٽي جي سرگرمين کي تسليم ناهي ڪيو. گذريل هفتي روس گڏيل ق??من جي سلامتي ڪونسل ۾ پنهنجو ويٽو پاور استعمال ڪيو ۽ اتر ڪوريا تي پابندين بابت هڪ ماهر پينل مينڊيٽ ۾ 30 اپريل 2025 تائين توسيع لاءِ آمريڪا طرفان پيش ڪيل هڪ ٺهراءُ جي مسودي کي روڪي ڇڏيو. سلامتي ڪونسل جي 15 مان 13 ميمبرن ٺهراءُ جي مسودي جي حمايت ۾ ووٽ ڏنو جڏهن ته چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو.
اتر ڪوريا گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پابندين بابت آمريڪي ٺهراءُ جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ تي روس جو ٿورو مڃيو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب