تهران -28 آگسٽ (اي پي پي) ايران جي فوج جون ”صوبي جي محافظن جي ڍال“ جي نالي سان گڏيل اليڪٽرانڪ جنگي مشقون پڄاڻي تي پهتيون. سعودي ميڊيا مطابق انهن مشقن ۾ فڪسڊ ۽ موبائيل اليڪٽرانڪ زميني ۽ فضائي جنگي نظام جو جائزو ورت?? ويو. ايران جي فوج جي ڪمانڊرانچيف ميجر جنرل عبدالرحيم موسوي جي موجو??گي ۾ ملڪ جي مرڪز ۾ هڪ وڏي علائقي ۾ مشقون سرانجام ڏنيون ويون. جنگي منظرنامي ۽ اليڪٽرانڪ جنگي ڪارروائيون انهن گڏيل ۽ خصوصي مشقن جي عمل ۾ آنديون ويون. مشقن ۾ فوج جي چئن اسٽريٽجڪ طاقتن شرڪت ڪئي. انهن مشقن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ايران جي فوج اليڪٽرانڪ جنگ جي ميدان ۾ ڪنهن حد تائين اڳڀرائي ڪئي آهي. مشقون جمعي تي صبح جو شروع ٿيون هيون، انهي دوران فضائي اڏي لاءِ اليڪٽرانڪ سپورٽ آپريشن ڪي?? ويو جنهن ۾ ويڙهاڪ جهازن ۽ ڊرونز حصو ورتو. انهن گڏيل مشقن جو مقصد ريڊيو ڪميونيڪيشنز ۽ ڊيٽا ٽرانسميشن جي نشاندهي ڪرڻ ۽ انهن جي سڌي ريت فراهمي ڪرڻ، ننڍي پ??ماني ??ي اڏندڙ شين ذريعي وڏي پ??ماني ??ي تباهي وارين ڪارروائين کي انجام ڏيڻ، ريڊار لاءِ اليڪٽرانڪ پروٽيڪشن آپريشنز ۽ زميني ??يڊار ۾ خلل وجهڻ شامل هو. ان کان علاوه ايئر ??ور?? جي ويڙهاڪ جهازن جو استعمال ڪندي ايئر انٽر سيپشن آپريشن ڪئي وئي. آرمي ايوي ايشن اٽيڪ هيليڪاپٽر، جيمنگ آپريشنز، ريڊار ڊيسيپشن ۽ اليڪٽرانڪ پروٽيڪشن 5 ڊرونز جو استعمال ڪندي رڪاوٽ ۽ عام طور تي ڌوڪي واريون ڪارروائيون ڪيون ويون.
ايران جون ”صوبي جي محافظن جي ڍال“ جي نالي سان گڏيل اليڪٽرانڪ جنگي مشقون پڄاڻي تي پهتيون
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا کے نتیجے میں پچھلے حصے