اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) افعانست??ن ۾ طالبان حڪومت گڏيل قومن جي انساني حقن جي نمائندي رچرڊ برينٽ جي افغانست??ن ۾ داخلا تي پابندي جي تصديق ڪئي آهي ۽ انساني حقن جي نگران اداري تي پروپيگنڊا ڦهلائڻ جو الزام هنيو آهي. گڏيل قومن جي انساني حقن جي ڪونسل طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ افغانستان جي صورتحال کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ رچرڊ بينيٽ کي 2022ع ۾ خصوصي نمائندو مقرر ڪيو هيو. ان کان اڳ رچرڊ بينيٽ چيو هيو ته طالبان حڪومت جو عورتن ۽ ڇوڪرين سان سلوڪ انسانيت خلاف آهي ۽ ڏوهه جي برابر ٿي سگهي ٿو. افغان پرڏيهي ترجمان عبدالقهار بلخي رائٽ??ز کي ٻڌايو ته رچرڊ بينيٽ کي افغانستان جي ويزا ناهي ملي سگهي. طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پهريان به چئي چڪو آهي ته طالبان اسلامي قانون ۽ مقامي رسم رواج تحت عورتن جي حقن جو احترام ڪن ٿا. هن چيو ته رچرڊ بين??ٽ جي افغانستان سفر تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ڇو ته کيس افغانست??ن ۾ پروپيگنڊا ڦهلائڻ جو ڪم ڏنو ويو آهي هو معمولي مسئلن کي به وڌائي پيش ڪندو هو.
افغانستان ۾ طالبان حڪومت پاران گڏيل قومن جي انساني حقن جي نمائندي جي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو
مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II