مڪو شريف- 02 جون (اي پي پي) حرمين الشريفين جي انتظاميه حج سيزن ۾ حاجي سڳورن جي استقبال جو سڀ کان وڏو آپريش??ل پلان جاري ڪري ڇڏيو آهي. سعودي خابرو اداري موجب الحرمين الشريفين انتظاميه جي سربراهه شيخ ڊاڪٽر عبدالرحمان السديس چيو آهي ته هن سال حج سيزن جو آپريش??ل پلان انتظاميه جي تا??يخ جو سڀ کان وڏو منصوبو آهي ۽ ڪورونا وائرس وب?? جي خاتمي کانپوءِ معمول موجب حج ٿيندو. هن چيو ته هن سال حج سيزن ۾ مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ زائرين لا??ِ 185 پروگرام تيار ڪيا ويا آهن. انهن کي لاڳو ڪرڻ لا??ِ مصنوعي ذهانت، ڊجيٽل سسٽم ۽ مختلف شعبن ۾ اليڪٽرانڪ نظام کان ڪم ورتو ويندو. ڊاڪٽر السديس چيو ته حاجين ۽ زائرين جي خدمت اسان لا??ِ اعزاز جي عنوان سان اسپيشل مهم به هلائي ويندي. هن چيو ته حرمين الشريفين انتظاميه هن سال 14 هزار تربيت يافته اهلڪارن جي خدمت حاصل ڪندي، ايترو وڏو تعداد تا??يخ ۾ پهريون ڀيرو مقرر ڪيو ويو آهي. اهڙين جاين جتي زائرين وڏي تعداد ۾ هوندا اتي ڪارڪن وڌيڪ انگ ۾ مقرر ڪيا ويندا. مطاف، سعودي دالان، صفا ۽ مروه جي وچئين حصي، اندروني ۽ ٻاهرين اڱڻ ۾ هر جاءِ تي ڪارڪن خدمت لا??ِ موجود هوندا. هن چيو ته مسجد الحرام ۽ مسجد نبوي ۾ 8 هزار کان وڌيڪ رضاڪار حاجين جي خدمت ڪندا. مختلف قسم جا 10 ڪم سرانجام ڏيندا، ڊاڪٽر السديس چيو ته وهيل چيئر سروس کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي. وهيل چيئرز جو انگ 9 هزار ڪيو ويو آهي جيڪي 24 ڪلاڪ مهيا ٿينديون. تنقل ايپ ذريعي حرم شريف اچڻ کان اڳ وهيل چيئر بڪ ڪرائي سگهبي. ان م??قعي تي سعودي حج واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه ۽ سعودي ميڊيا جا نمائندا به موجود هئا.
حرمين انتظاميه طرفان حج سيزن ۾ حاجين جي استقبال لاءِ وڏو آپريشن پلان تيار، 185 پروگرام ترتيب
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری