ماسڪو – 27 ڊسمبر (اي پي پي) ايران ??يو آهي ته روس ۽ ايران وچ ۾ ايندڙ سال 17 جنوري تي ماسڪو ۾ ٻنهي ملڪن جي صدرن جي ملاقات دوران جامع اسٽريٽجڪ شراڪتداري جي معاهدي تي صحيحي??ن ڪيون وينديون. اها ڳالهه ماسڪو ۾ ايران جي سفير ڪاظم جلالي چئي. پرڏيهي خابرو اداري ماسڪو ۾ ايرا??ي سفارتخاني جي پريس آفيس جي حوالي سان ٻڌايو ته ايراني صدر مسعود پيزشڪيان 17 جنوري تي روس جو دورو ڪندو ۽ روس ۽ ايران جا صدر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي معاهدن تي صحيحي??ن ڪندا. روس جي صدر ولاديمير پيوٽن 4 ڊسمبر تي چيو هو ته هو اميد ڪري ٿو ته ايران جي صدر مسعود پيز شڪيان جي روس جي ايندڙ دوري دوران تهران سان هڪ نئين بنيادي معاهدي تي صحيحي??ن ڪيون وينديون.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ